SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


CHM Common Heritage of Mankind

(click word to listen sound
  • 🔊
  • chm
  • kɔmən
  • heritidʒ
  • ɔf
  • mænkaind
  • )

From the Dictionary of International Relations:

CHM Common Heritage of Mankind

ڪامن هيريٽيج آف مئن ڪائينڊ

گڏيل انساني ورثو

هي اصطلاح دنيا جي ڏاکڻين قطب سان لاڳاپيل غريب رياستن طرفان، سگهارين رياستن هٿان کليل سمنڊن ۾ ڪيل قبضي جي خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي. دنيا جي غريب رياستن جو چوڻ آهي، ته سمنڊ جا اهي حصا، جيڪي اڃا تائين انصاف ڀري قانون سازيءَ هيٺ نه آيا آهن، انهن تي سڄي انسانذات جو حق آهي، تنهن ڪري ڪنهن خاص رياست يا رياستي گروهه کي اختيار نه ٿو پهچي، ته اهي پنهنجي مرضيءَ مطابق انهن سامونڊي وسيلن جو استعمال ڪن. هن سلسلي ۾ اينٽارڪٽيڪا معاهدي، چنڊ معاهدي،(Moon Treaty) پولارجي معاهدي ۽ سامونڊي پيٽ جي معاهدي تحت، طاقتور رياستن جي قائم هڪ هٽيءَ تي تنقيد ڪندي، خاص طور تي خشڪيءَ ۾ گهيريل (Land Locked) رياستن جو موقف آهي، ته کين سامونڊي وسيلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو وڃي، ڇو ته اهوسندن دنوي حق آهي. پراڻي دور کان ”لهندڙ مالڪ ۽ وڃائيندڙ ٻالڪ“ واري اصول تحت سامونڊي طور سگهارين قومن، دنيا جي مختلف سمنڊن تي قبضا ڪري هيڻين قومن سان هاڃا ڪيا آهن، جنهن جي ڪري بين الاقوامي لاڳاپن ۾ بي انصافي وڌي آهي. ”گڏيل انساني ورثي“ جو تصور کليل سمنڊ ۾ موجود وسيلن جي جنهن انصاف ڀري ورڇ تي زور ڏئي ٿو، ان کي بين الاقوامي طور قانوني مڃتا نه ملي سگهي آهي ۽ اهو مسئلو امير ۽ غريب ملڪن ۾ وڏي تڪراري صورتحال جو سبب بڻيل آهي. بهرحال ڪيترن اهم مبصرن جو چوڻ آهي ته ڪا واضح قانوني حيثيت نه هوندي به CHM وارو معاملو بين الاقوامي قانونن جي جمهوري جوڙجڪ ڪرڻ، وسيلن تي عالمي حق تسليم ڪرڻ ۽ انصاف جي هرواسي ورڇ ڪرڻ جي عمل تي زور ڏيندي، بين الاقوامي لاڳاپن کي هڪ انسان دوست سرشتي طور مڃتا لاءِ جاکوڙي رهيو آهي.


Remember Me Also:

اگسڻي

ذ. گاهه جو هڪ قسم. سَسئيءَ جو پٿر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal